بي پاڙي

بي پاڙي/ وڻ ويڙهي: هيءَ ول آهي، جنهن جا پن ڪو نه ٿين. سُوتليءَ جهڙين بيشمار سنهين تندن واري وَلِ، جنهن جون تندون عموماً سائيرڙيون ۽ پِيليون ٿين. هي ٻي حيات تي پلجندڙ ول جو قسم آهي. هنديءَ ۾ هن ول کي ”آڪاس بيل“ يا ”امربيل“ به چون. هيءَ ول ڊسمبر ۾ گُل جهلي ۽ مارچ ۾ ڇڻي ويندي آهي. ٻجن مان نازڪ ٻوٽا نڪري وڻن جي ڳولا ۾ پکڙجن ٿا، جنهن وڻ جي مهمان ٿئي، ان وڻ کي سُڪائي ڇڏي. ڇوته ول جون تندون، وڻ جو رس چوسي، ان کي جلد ئي سڪائي ڇڏينديون آهن. هيءَ ول سنڌ ۾ عام جام وڻن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن جون ٻه چار لامون کڻي هڪ وڻ تان ٻئي وڻ تي اڇلائبيون ته ان کي سڪائينديون ۽ پاڻ وڌنديون وينديون. هن جو ذائقو ڦڪو ۽ رس لعابدار، بنا بوءِ جي ٿئي ٿو. هيءَ ول ٿر ۾ مَريڙي، ڪَنٽي، ساٽوڙي ۽ ڪن ٻين وڻن تي اُڀري، وڌندي ۽ پکڙجندي ويندي آهي. هن ول ۾ سنهڙو ڄارو هوندو آهي. جنهن کي پٽي، ماڻهو پير ۾ ڦٽ ۽ گهُٻَ کان ٻڌندا آهن ته اهو ڦاٽي پوندو آهي.


لفظ بي پاڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو